پريڊي ڪوارٽرس

پريڊي ڪوارٽرس: ڪراچيءَ ۾ اوچيون ۽ شاندار عمارتون رکندڙ علائقن مان ‘پريڊي ڪوارٽرس’ وارو علائقو به هڪ هو. پريڊي ڪوارٽرس جي الهندي طرف رنڇوڙ لائين ڪوارٽرس هئا. جڏهن ته اترئين طرف هن علائقي جي سرحد رام سوامي ڪوارٽرس علائقي جي سرحد ۽ ڇانوڻيءَ جي سرحد سان ملندي هئي. انهن ڪوارٽرن جي ڏاکڻي طرف رام باغ ڪوارٽرس ۽ آرٿلري ميدان ڪوارٽرس علائقي جون هڪجهڙيون سرحدون هيون ۽ هن علائقي جي وڌيل پڇاڙي سينٽ انڊريوز چرچ تي مشتمل هئي. انهن ڪوارٽرس جي اوڀر طرف گورنمينٽ گارڊن روڊ هو. بندر روڊ ۽ بارنس اسٽريٽ جتي گڏبا هئا. اتي خوبصورت ميدان تي ٽريلورس بنگلو ٺهيل هو. 1876ع ۾ جڏهن برٽن ڪراچي گهمڻ آيو ته ان ئي بنگلي ۾ رهائش مهيا ڪئي وئي هئي. هن علائقي ۾ ٽريلورس بنگلي کان اڳتي ايگزيڪيوٽو انجنيئر آفيس هئي، جيڪا مرسٽن روڊ کان سڌو ٽريلورس بنگلي کان پويان هئي. اڻويهين صديءَ جي آخر ۾ هي علائقو ڪافي خوبصورت طريقي سان ٺاهيو ويو، جنهن ۾ ڪافي بنگلا ٺاهيا ويا، جتي ريلويز جي ايگزيڪيٽو انجنيئرز جي رهائش پڻ هوندي هئي. 1920ع ۾ ٽريلورس بنگلي جي جڳهه تي واءِ. ڊبليو. سي. اي جي عمارت ٺاهي وئي ۽ 1925ع ۾ ماما پارسي اسڪول ٺاهيو ويو.


لفظ پريڊي ڪوارٽرسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو